ڏيپلو 1

ڏيپلو 1

ڏيپلو 1

ڏيپلو (تعلقو): ضلعي ٿرپارڪر جو هڪ تعلقو، جيڪو ڪڇ جي رڻ لڳ، اٽڪل 1600 چورس ميلن تي پکڙيل آهي. هن تعلقي جي اُتر ۾ تعلقو ڊگهڙي، اُتر اولاهين ڪنڊ ۾ تعلقو ٽنڊو باگو، اولهه ۾ تعلقو بدين، اوڀر ۾ تعلقو مٺي ۽ ڏکڻ طرف ڪڇ جو رڻ آهن. تعلقي جي اُترئين حصي ۾ سنئون پٽ آهي، جنهن کي ’بئراج ايراضي‘ چئبو آهي. هي علائقو هڪ يونين ڪائونسل ڪلوئيءَ تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ست ديهون ڍوڍارو، اٺ ڊهو، کاڙڪ، ڀٽارو، سڀڙي ۽ ڦانٽ شامل آهن. ٿر جي هيءَ ايراضي آروکي، جهرمريو، کيتلاري ۽ ڊاڀڙو يونين ڪائونسلن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ 38 ديهون آهن. 1998ع ۾ ڏيپلي تعلقي جي آبادي 161880 هئي. ڏيپلي تعلقي ۾ انيڪ ذاتيون رهن ٿيون, جن ۾ ميمڻ، سما، سيد، سومرا، سميجا، مينا، مڱڻهار، نهڙي، نوتيار، راهما، بجير، پاڙها، لاشاري، دل، کوکر، درس، کاڙڪ، لنجا، ساند، چانڊيا، کوسا، رند، ڀوت، جوڻيجا ۽ احمداڻي وغيره شامل آهن. هندو ذاتين ۾ لهاڻا، برهمڻ، سونارا، سوٽهڙ، ٺڪر، ميگهواڙ، ڀيل، ڪولهي، گرڙا، جوڳي، سامي وغيره اچي وڃن ٿا. تعلقي ۾ سماٽ ذاتين جي گهڻائي آهي. جن جي ٻولي لاڙي لهجي واري سنڌي آهي. ڏکڻ وارن جو لهجو ڪڇي آهي ۽ بلوچ گهرن ۾ بلوچي، پر ٻاهر سنڌي ڳالهائين. ٺڪر، ميگهواڙ، گُرڙا ۽ بجير ڍاٽڪي ڳالهائين، جيڪا سنڌي، گجراتي ۽ ماڙواڙي ٻولين جي گاڏڙ آهي. ڪولهي پارڪري ۽ ڀنگي مارواڙي ڳالهائين ٿا. انگريزن جي اچڻ بعد 1844ع ۾ مقامي رهواسين جي خواهش تي تعلقو ڏيپلو، ٿر جي ڪجهه ٻين تعلقن سان ڪڇ رياست جي انتظام هيٺ آيو. اهي علائقا 1856ع ۾ وري سنڌ ۾ شامل ڪيا ويا. هن وقت انتظامي لحاظ کان تعلقي ۾ ٽي سرڪل، نَوَ تپا ۽ 43 ديهون آهن. ڏيپلي تعلقي ۾ ڀٽون ۽ لڪَ گهڻا آهن ۽ ڏهر گهٽ آهن، انهن ۾ ويڙهيجهپ، سجائي، کوروڙي، مالهيار، پيلوڙي، ويڙهار، صوڀيار، وي ۽ ڇهي وارا ڏهر اهم آهن. ٿر ۾ برسات پوڻ تي پاڻي ڀٽن ۽ مٿاهينءَ تان لهي، ندين ۽ نين رستي هيٺانهينءَ ۾، جتي مٽيءَ واري سخت زمين هوندي آهي اچي گڏ ٿيندو آهي. پاڻيءَ جي اهڙي ذخيري کي ’ترائي‘ چئبو آهي. وڏيون ترايون، برسات جي پاڻيءَ سان هڪ وار ڀرجڻ تي اڍائي مهينا کن هلي وينديون آهن. تعلقي ڏيپلي جي وڏين تراين ۾ ويڙهار، سجائي، کوروڙي، ڀيلوڙي، سري، مالهيار، ويڙهيجهپ، ڦاٽوڙ، لکي، ونگڙ ۽ ٻلهياري شامل آهن.
تعلقي ڏيپلي ۾ لوڻ جا سَنَ تمام گهڻا آهن. وڏن ۽ مشهور سنن جو لوڻ پڪو سٺو ۽ سوادي آهي، جيڪو ملڪ اندر کپت کان سواءِ ٿوري صفائيءَ ۽ ڪيمائي عمل کان پوءِ ٻين ملڪن ڏانهن موڪلبو آهي. لوڻ جا ڏيپلي تعلقي ۾ ننڍا وڏا 24 سنَ آهن، جن مان ساليانو 11 لک ٽن لوڻ مهيا ٿيندو آهي. ڏيپلي جي اُتر طرف بئراج واري علائقي (يونين ڪائونسل ڪلوئيءَ) جي ستن ديهن ۾ آبادي واهن تي ٿئي. خريف ۽ ربيع جي فصل ۾ وونئڻ، ڪمند، ٻاجهر، جوئر، مڪئي، ساريون، گوار، ڪڻڪ، ڄانڀو، سرنهن، توريون ٿين. وارياسي ايراضيءَ ۾ پوک جو دارومدار مينهن تي آهي. فصلن ۾ ٻاجهر، گوار، مڱ، چونئرا، گدرا وغيره ٿين. تعلقي ۾ ميلا جام ٿين. اهم ميلن ۾ ڳوٺ هيلاريو پير ۾ اولياء رب ڏني جي مزار تي ميلو شامل آهي. روايت آهي ته اولياء رب ڏنو محمود غزنويءَ جي واپسيءَ دوران زخمي هجڻ سبب رستي تي وفات ڪري ويو. انهيءَ کان سواءِ واڇرا، بيبي متل، خليفي جمن، سيد ابراهيم شاهه، سائين غلام شاهه، اولياء جرڪس، پاربرهم، ’سيد جمن شاهه‘ بخاري، مولا ماهي ۽ پير پٺي جا ميلا مشهور آهن. هن تعلقي ۾ ڪيترا شاعر ٿيا، جن مان گلو مياڻو، نوح خُرم،
غلام محمد راهو، پير غوث محمد شاهه، علي بخش ڏورت، دوست محمد ’دوست‘، مجنون پاڙهو، لالو محمد حسن نهڙي، حاجي محمد عثمان ’اديب‘، ڊاڪٽر الله ورايو ميمڻ ۽ قاضي حاجي علي محمد مشهور آهن.
ڏيپلي تعلقي جي اديبن ۽ ليکڪن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي هند سنڌ ۾ نالو ڪڍيو. هن 150 کان مٿي ڪتاب، سوين افسانا، مضمون، ڪالم ۽ ايڊيٽوريل لکيا. 2004ع ۾ کيس صدر پاڪستان طرفان پرائيڊ آف پرفارمنس مليو. هن ماهوار، هفتيوار ’عبرت‘، روزانه ’سنڌ ٽائيمز‘، ماهوار ۽ هفته وار ’انسان‘ ۽ ماهوار ’ساڻيهه‘ ڊائجسٽ جاري ڪيا. انهيءَ کانسواءِ محمد عثمان اديب، ڊاڪٽر ثريا ’سوز‘، محمد مشتاق مٺواڻي، ڊاڪٽر سعيده شفيق، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ، آفتاب ميمڻ ۽ محمد علي ڏيپلائي پڻ تحقيقي ادب ۾ سٺو ڪم ڪيو آهي. فنڪارن ۾ مصري ڏيپلائي، مائي ڀاڳي، محمد مصري مڱڻهار، (سُرندي نواز) وڏي مڃتا ماڻي آهي. ڏيپلي شهر کانسواءِ تعلقي ڏيپلي جي ستن ڳوٺن ۾ بيسڪ هيلٿ سينٽر، چئن ڳوٺن ۾ اسپتالون ۽ ڳوٺن ۾ وٽرنري جانورن جون اسپتالون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو